رامائڻ

رامائڻ

رامائڻ

رامائڻ

رامائڻ

رامائڻ

رامائڻ 2

رامائڻ 2(ڪتاب): سي. راج گوپال جي ڪتاب ’رامائڻ‘ جو سنڌي ترجمو، حسين بادشاهه ڪيو آهي، جيڪو پهريون ڀيرو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2005ع ۾ ڇپايو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ۾ والميڪيءَ جي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل رزميه داستان جو نثري ترجمو شامل آهي. ترجمي نگار ڄاڻايو آهي ته رامائڻ ۾ رڳو رام ڪٿا نه آهي، پر ان دؤر جي حالتن، سياسيات، اقتصاديات ۽ سماجيات جو پتو به پوي ٿو. ان کان سواءِ قديم سنڌ بابت ڄاڻ به پوي ٿي، جيڪا ان دؤر ۾ ڏاڍي سکي ستابي ۽ خوشحال هئي. هتي جي جنگي جوڌن لنڪا تي حملي مهل رامچندر جو پاسو ورتو هو، خود رام جي پيءُ دسرٿ جي گهر واري ڪيڪئي به سنڌ ڄائي هئي، جنهن مان کيس ڀرت نالي پٽ پيدا ٿيو.
ساڳئي ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ساهت گهر، ڀڳت راڻارام ميگهواڙ جي نالي سان، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
روشني پبليڪيشن جو ٻيو ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 384 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي، جڏهن ته سنڌي ساهت گهر جي ڇپايل ڊيمي سائيز جي 368 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو